_ _    _ _____  ___   __                       
 __      _(_) | _(_)___ / ( _ ) / /_   ___ ___  _ __ ___  
 \ \ /\ / / | |/ / | |_ \ / _ \| '_ \ / __/ _ \| '_ ` _ \ 
  \ V  V /| |   <| |___) | (_) | (_) | (_| (_) | | | | | |
   \_/\_/ |_|_|\_\_|____/ \___/ \___(_)___\___/|_| |_| |_|

نازيت

نازيت يا نازي ازم (Nazism) جرمن ٻوليءَ جي اصطلاح Nationalsozialismus (قومي سماج- واد) پٺيان مشهور نظريي جو بُنياد 1919ع ۾ ٺاهيل ’نيشنل سوشلسٽ ورڪرز پارٽي‘ (نازي پارٽي) ۽ جڳ- مشهور آمر ’ايڊالف هٽلر‘ جي ڪٽر پسند جرمن قومپرستيءَ جي بنيادن تي قائم حڪومت جي تصورن ۽ عمل تي بيٺل آهي . هي نظريو حياتياتي بنيادن تي بيان ڪيل نسل- پرستيءَ ۽ سامي نسلن کان نفرت جي بنياد تي قائم ٿيو ۽ ان کاٻي توڙي ساڄي ڌُر جي ڪٽرپڻي کي گڏ ڪري پنهنجو نظرياتي خاڪو ڏنو. هي نظريو آريائي نسل کي دنيا جو بهترين ۽ اُتانهون نسل سمجهندي ، ان جي پوترتا ۽ عظمت ۾ دنيا جي ڀلائي سمجهندو هو ۽ يهودين کي دنيا جو بدترين انساني نسل سمجهندي کين مڪمل طور نابود ڪرڻ جي وڪالت ڪندو هو. ڇاڪاڻ جو ’نازي ازم‘ موجب دنيا ۾ جيڪا به خراپي ۽ پستي موجود آهي ، ان جو اصل سبب يهوديت آهي، جنهن پنهنجي روايتي چالاڪين سان پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ دنيا جي ٻين قومن ۽ نسلن کي نهوڙي رکيو آهي . انهيءَ ڪري ’نازيت‘ يهودين سان گڏ هم جنس پرستن ، لاڏائو قبيلن، ڪاري چمڙيءَ جي ماڻهن ، ذهني ۽ جسماني طور جڏن ۽ سماج جي ٻين گهٽ ۽ پنگلن طبقن کي ناس ڪرڻ واري عمل کي ٺيڪ قرار ڏنو . هن نظريي معيشيت جا بنياد سماج- وادي ۽ پونجي- وادي سرشتن کان ڌار ۽ ساڄي ڌُر جي ڪٽرپڻي سان سلهاڙيل رکيا ۽ ان کي پنهنجي سياسي ايجنڊا جي ماتحت رکيو . خانگي ملڪيت جي حمايت ڪندي ان سرشتي سماج ۾ قابل ، باصلاحيت ۽ صحتمند ماڻهن جي مٿڀرائپ کي صحيح ۽ ’فطري‘ قرار ڏنو . انهن نظرياتي لاڙن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نازي پارٽي سندس اڳواڻ ايڊالف هٽلرجي حڪومت (1945-1933ع) تائين ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو ۽ واٽ ۾ اُٿندڙ هر مخالفت کي ڏاڍي بي رحميءَ سان چٿيو .

حوالا

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد